تيونس: مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏي وڃڻ سبب 23 ڄڻا گم ٿي ويا

تيونس: مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏي وڃڻ سبب 23 ڄڻا گم ٿي ويا

تيونس (ويب ڊيسڪ)تيونس تيونس ۾ مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 23 ڄڻا گم ٿي ويا برطانوي خابرو اداري موجب تيونس جي ساحل تي گذريل ٻن ڏينهن دوران مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏڻ جا 2 واقعا پيش آيا.ميڊيا رپورٽن موجب ٻيڙي ٻڏڻ جو پهريون واقعو جمعي تي پيش آيو، جتي ٻيڙي تيونس کان مهاجرن کي وٺي اٽلي وڃي رهي هئي جنهن ۾ 37 ماڻهو سوار هئا، جنهن مان 20 ڄڻا لاپتا ٿي ويا جڏهن ته 17 ماڻهن کي بچايو ويو.ميڊيا رپورٽن موجب ٻي ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ 4 لاش ۽ ٻيڙي ۾ سوار 36 مهاجرن کي ساحل مان ڪڍيو ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا اڃا تائين گم آهن.ميڊيا رپورٽن موجب تيونس ۾ گذريل مهيني مارچ کان وٺي 7 ٻيڙيون ٻڏي ويون آهن، جنهن ۾ 100 ڄڻا فوت ۽ لاپتا ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو