تيل جي قيمت ۾ واڌ خلاف ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج، ڌرڻو

تيل جي قيمت ۾ واڌ خلاف ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج، ڌرڻو

جوهي (ن سنڌيار) جوهي تيل جي قيمت ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف جوهي جا شھري روڊن تي نڪري آيا ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪري نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو جوهي وفاق حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اضافو ڪرڻ تي جوهي جي مختلف سياسي سماجي مذھبي ڌرين ڪامريڊ غلام قادر لغاري, مولوي غلام مصطفي لاشاري, خليل عارف سومرو, لطف کچي, ايوب لغاري, امين لغاري, مرتضي رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ جي مين گيٽ آڏو جوهي دادو روڊ تي ٽائر ساڙي ٻن ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪري غريب مسڪين ماڻھن مٿان پيٽرول بم ڪرائي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب روزمره جي کاڌي, پيتي جي شين سميت هر شيء مهانگي ٿي وئي هنن چيو ته شھباز حڪومت عوام ک رليف ڏيڻ بدران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھ هڪ هفتي اندر 60 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آھي مهانگائي سبب مزدور طبقو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھن هنن چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب ڀاڙا ٻيڻا ٿي ويا هنن مطالبو ڪندي چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ واري سمري واپس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو