تيغاڻي ۽ بجاراڻي برادرين ۾ پراڻو تڪرار وري ڀڙڪي پيو

تيغاڻي ۽ بجاراڻي برادرين ۾ پراڻو تڪرار وري ڀڙڪي پيو

غوثپور(عبدالنبي ملڪ)ناپرڪوٽ پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ مھراڻ بجاراڻي جيڪو ڪچي ۾ واقع آهي، بجاراڻي، تيغاڻي برادري جو پراڻو خوني تڪرار اڄ ٻيھر ڀڙڪي اٿيو آھي۔ تيغاڻي برادري جي ھٿياربندن مال چاريندڙ ويھن ورھين جي نوجوان محمد اسماعيل بجاراڻي  پٽ يحيٰ بجاراڻي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو۔ ٻنھي ڌرين ۾ جديد ھٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري آھي جنھن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آھي۔  ذريعن موجب فائرنگ ۾ مقتول جو سئوٽ به زخمي ٿيو آھي۔ مقتول جو لاش  ۽ زخمي اڃان تائين واقعي واري ھنڌ پيل آھن ۽ پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي آھي جيڪا لاش ۽ زخمي کڻائي اسپتال آڻيندي۔ چوپائي مال جو ڌنار محمد اسماعيل بجاراڻي کي تيغاڻي برادري جي ھٿياربندن بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو۔ ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ ڇڪتاڻ تيز ڌريون مورچابند. واضع رھي ته اھو جھيڙو گذريل ڏھن سالن کان جاري آھي جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا پنجاھ کان وڌيڪ ماڻھو قتل ٿي ويا آھن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو