اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ تيزاب گردي خلاف هڪ اهم فيصلو ٻڌائيندي فيصل آباد جي اقرا پروين تي تيزاب اڇلائڻ واري مجرم عبدالمنان جي عمر قيد جي سزا برقرار رکي آهي، جڏهن ته گهٽ عمر جي بنياد تي سزا ۾ نرمي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.
جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ جسٽس صلاح الدين پنهوڙ ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل ٽن رڪني بينچ 13 صفحن تي مشتمل فيصلو جاري ڪيو.
عدالت قرار ڏنو ته وحشيانه ۽ اڳواٽ رٿيل ڏوهن ۾ گهٽ عمر کي ڍال طور استعمال نٿو ڪري سگهجي، ۽ تيزاب گردي قتل کان به وڌيڪ خوفناڪ جرم آهي، ڇاڪاڻته قتل انسان کي هڪ ڀيرو ماريندو آهي، جڏهنته تيزاب جو شڪار شخص سڄي زندگي عذاب ۾ مبتلا رهي ٿو.
سپريم ڪورٽ مجرم عبدالمنان کي متاثر عورت اقرا پروين کي 10 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
فيصلي ۾ هاءِ ڪورٽن کي هدايت ڪئي وئي ته تيزاب گردي جي سڀني ڪيسن جا ٽرائل هر صورت ۾ چار مهينن اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽون انهن ڪيسن جي پاڻ نگراني ڪن.
عدالت حڪومت کي به هدايت ڪئي ته عام شهرين کي تيزاب جي کليل وڪري تي فوري پابندي لڳائي وڃي، تيزاب جي خريد و فروخت لاءِ بايوميٽرڪ ۽ مرڪزي ڊجيٽل نگراني جو نظام قائم ڪيو وڃي، ۽ خريدار جو شناختي ڪارڊ ۽ آڱوٺي جو نشان لازمي قرار ڏنو وڃي.
عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته تيزاب حملن جي متاثرن لاءِ قومي بحالي فنڊ قائم ڪيو وڃي، پلاسٽڪ سرجري ۽ نفسياتي علاج جا سڀ خرچ حڪومت برداشت ڪري، جڏهنته مستقل متاثرن کي معذوري سرٽيفڪيٽ، ماهوار وظيفو، ۽ سرڪاري نوڪرين، تعليمي ادارن ۽ فلاحي اسڪيمن ۾ خاص ڪوٽو ڏنو وڃي.
سپريم ڪورٽ رجسٽرار کي به حڪم ڏنو ته فيصلي جون نقلون سڀني هاءِ ڪورٽن، وفاقي ۽ صوبائي قانون کاتن، اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرلز ڏانهن موڪليون وڃن.










