توهين عدالت ڪيس: عمران خان ۽ خواجا آصف جي وڪيلن تي ڏنڊ

توهين عدالت ڪيس: عمران خان ۽ خواجا آصف جي وڪيلن تي ڏنڊ

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ خواجا آصف جي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست تي ٻنهي ڌرين جي وڪيلن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اميد علي بلوچ عمران خان خلاف خواجا آصف جي هرجاڻي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.خواجا آصف جي ساٿي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته خواجا آصف جي وڪيل جي ڀاڻيجي جي شادي ٿي رهي آهي، ان ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. جج رمارڪس ڏنا ته ڪيس 11 سالن کان هلي رهيو آهي، اڄ ٻڌڻي جي موقعي تي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس به فيصلي ۾ لکيو ته دير جا ذميوار ٻئي ڌر آهن.ايڊيشنل سيشن جج اميد بلوچ چيو ته قانون چوي ٿو ته هرجاڻي جي دعويٰ جو فيصلو 90 ڏينهن ۾ ڪيو وڃي.وڪيل جو چوڻ آهي ته قانون موجب ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست تي 5 هزار رپيا ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.عدالت چيو ته جيڪڏهن توهان کي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ تي اعتراض آهي ته فيصلي کي چئلينج ڪيو وڃي.عمران خان جي وڪيل چيو ته عمران خان 11 فيبروري تي جرح لاءِ وڊيو لنڪ تي به موجود هوندو، اسان کي التوا واري درخواست تي ڪو اعتراض ناهي.عدالت خواجا آصف خلاف عمران خان جي توهين عدالت ڪيس ۾ ڌرين جي وڪيلن تي 10 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي ٻڌڻي 11 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو