ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ سون جي في تولي ۾ هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 5 هزار 400 رپيا واڌ بعد 2 لک 26 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 4 هزار 630 رُپيا واڌ سان 1 لک 94 هزار 102 رپيا آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 6 ڊالر واڌ بعد في اونس 1973 ڊالر جو ٿي ويو آهي.










