توشه خاني جو 90 کان 2001ع تائين جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم

توشه خاني جو 90 کان 2001ع تائين جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ توشا خاني جو 1990ع کان 2001ع تائين جو رڪارڊ پبلڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاصم حفيظ شهري منير احمد جي درخواست اڪلائي ڇڏي، درخواستگذار پاڪستان جي قيام کان وٺي توشه خاني مان ورتل تحفن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.عدالت توشه خاني جو 1990ع کان 2001ع تائين جو رڪارڊ منظرعام تي آڻڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جنهن دوست ملڪ کي تحفو ڏنو اهو به ٻڌايو وڃي، ڪجهه به لڪائي نٿو سگهجي، سمورو رڪارڊ عوام آڏو پيش ڪيو وڃي.وفاقي حڪومت پاران تحفن جا ذريعا ظاهر ڪرڻ جي هدايت تي اعتراض، وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته اسان کي ان خلاف اپيل داخل ڪرڻي آهي.جسٽس عاصم حفيظ چيو ته اپيل توهان جو حق آهي، ادائگي کانسواءِ ڪو به تحفو نٿو رکي سگهجي.ڪالهه ٻڌڻي ۾ وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته 2000ع کان اڳ جي مرده خاني جو رڪارڊ منظم شڪل ۾ ناهي.گذريل ٻڌڻي تي عدالت توشه خاني جو 1990ع کان 2001ع تائين جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جسٽس عاصم حفيظ چيو ته اميد ناهي ته ڪنهن کي مقدس ڳئون سمجهيو ويندو، توشه خاني جي تفصيلن جي تصديق ٿيل ڪاپي رڪارڊ تي آڻي. تازو ئي وفاقي حڪومت توشه خاني جو 2002ع کان 2023ع تائين جو رڪارڊ عوامي سطح تي پيش ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو