توشه خانه ڪيس ڪلعدم قرار ڏيڻ واري درخواست جو فيصلو جاري

توشه خانه ڪيس ڪلعدم قرار ڏيڻ واري درخواست جو فيصلو جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي 27 جولاءِ تي ٻڌڻي لاءِ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.عدالت پنهنجي لکت واري حڪم ۾ چيو ته رجسٽرار آفيس سموريون لاڳاپيل درخواستون گڏ ڪري ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري.ٽرائل ڪورٽ جي جج سان منسوب فيس بڪ پوسٽون عدالت کي ڏيکاريون ويون، حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج فيس بڪ پوسٽن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.عدالت رجسٽرار آفيس کي چيو ته فيس بڪ پوسٽن جو معاملو ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ حوالي ڪيو وڃي، ايف آءِ اي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن به ان معاملي تي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جي مدد ڪري.عدالت چيو ته درخواستگذار جي وڪيل موجب عدالتي ڪارروائي کان اڳ جوڊيشل فيصلو ڪيو وڃي، جنهن تي وڪيل چيو ته اهو طئي ٿيل قانون آهي ته عدالتي فيصلي کانسواءِ ڪارروائي نه ٿي ٿي سگهي. حڪم نامي موجب ڪيس جي دائري اختيار بابت عدالتي ڪارروائي جو هي ٻيو دور آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان کان اڳ ڪيس کي قابل سماعت قرار ڏيڻ خلاف اپيل منظور ڪري چڪي هئي.عدالت چيو ته هاءِ ڪورٽ اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ٽرائل ڪورٽ کي ٻيهر درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٽرائل ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست ٻيهر رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو