اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توشه خانه مينيجمينٽ اينڊ ريگيوليشن بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.توشه خانا مينيجمينٽ اينڊ ريگيوليشن بل وفد ۾ سرڪاري آفيسرن کانسواءِ پرائيويٽ ماڻهن تي به لاڳو هوندو، جڏهن ته سرڪاري آفيسرن ۾ لاڳاپيل شخص ۽ سندن گهرڀاتين کي به شامل ڪيو ويندو. بل جو اطلاق صدر، وزيراعظم، هٿياربند فوج جي ميمبرن، عدليه تي ٿيندو، جڏهن ته سرڪاري آفيسرن ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، سينيٽ جو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين، وفاقي وزير، گورنر، پوليٽيڪل سيڪريٽري، خاص مددگار ۽ ٻيا وفاقي ۽ صوبائي آفيسر شامل هوندا. ان کان علاوه اهو بل وڏن وزيرن، صوبائي اسپيڪرن ۽ ڊپٽي اسپيڪرن، خاص مددگارن، اٽارني جنرلز، ايڊووڪيٽ جنرلز ۽ ٻين آفيسرن تي به لاڳو ٿيندو. بل موجب سرڪاري وفد ۾ شامل ماڻهو مليل تحفو توشه خاني ۾ جمع ڪرائيندا. توشا خانا جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ ان کي هٿي وٺندڙ کي تحفي جي مارڪيٽ قيمت جي 5 ڀيرا برابر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.










