توشاخانا ڪيس، پي ٽي آئي پاران هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج

توشاخانا ڪيس، پي ٽي آئي پاران هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)توشه خاني ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ٽيون ڀيرو سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو.پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان داخل درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 4 آگسٽ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ٽرائل ڪيس جي جج جي جانبداري خلاف درخواست ڏني هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ساڳئي جج کي واپس موڪليو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي.پي ٽي آءِ چيئرمين سپريم ڪورٽ کي توشه خانه ٽرائل تي حڪم جاري ڪرڻ جي به درخواست ڪئي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ توشه خاني ڪيس ۾ درخواستن تي فيصلي تائين ٽرائل ڪورٽ کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، ٽرائل جج توشه خاني ڪيس کي ناقص ۽ سرسري انداز ۾ قابل سماعت قرار ڏنو هو.اڳوڻي وزيراعظم درخواست ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس واپس جج همايون دلاور ڏانهن موڪلي قانوني غلطي ڪئي آهي.درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل جج درخواستگذار کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو