توشا خانا ڪيس: نيب عمران خان کي زال سوڌو طلب ڪري ورتو

توشا خانا ڪيس: نيب عمران خان کي زال سوڌو طلب ڪري ورتو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)قومي احتساب بيور (نيب) توشا خانا ڪيس جي جاچ لاءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي کي نوَ مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب عمران خان ۽ سندس گهرواري کي نوَ مارچ تي صبح جو نيب راولپنڊي ۾ طلب ڪيو ويو آهي. نيب جي نوٽيس ۾ عمران خان کان توشا خانا کان ورتل ست تحفن بابت پڇيو ويو آهي.نوٽيس ۾ شامل تحفن ۾ ڇهه روليڪس واڇن بابت پڇاڻو ڪيو ويو آهي، انکانسواءِ قطري هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف جي ڏنل هڪ آءِ فون بابت به سوال ڪيو ويو آهي.نيب ذريعن ٻڌايو آهي ته توشا خانا ڪيس ۾ ست مارچ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي کي به طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته فواد چوڌري کي اٺ مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو