توبهه، ٻين کي چور چوندڙ ملڪ جو سڀ کان وڏو چور نڪتو:مريم نواز

توبهه، ٻين کي چور چوندڙ ملڪ جو سڀ کان وڏو چور نڪتو:مريم نواز

لنڊن ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ( ن ) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز توشه خاني جا تحفا خريد ڪندڙ ماڻهو سامهون اچڻ تي عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪيو ، رسيدون ڪڍو! واچ ڪنهن وڪرو ڪئي آهي، نالو ٻڌايو؟ ن ليگ اڳواڻ سوال ڪيو ته پئسا پاڪستان ڪيئن گهرايا؟ اهو ٻڌايو، ٻين کي چور چوندڙ ملڪ جو سڀ کان وڏو چور نڪتو. توبهه.

پهنجو تبصرو موڪليو