ليکڪ: اويس توحيد
جڏهن مان تهران پهتس ته سڄو شهر ڳاڙهن ۽ ڪارن رنگن ۾ ٻڏل هو. ڪاري سوڳ واري لباس ۾ ملبوس لکين ماڻهو رت ۽ شهادت جي علامت بڻيل ڳاڙها جهنڊا کڻي، 28 فيبروري تي قتل ٿيل پنهنجي اڳواڻ آيت الله علي خامنه اي جي انتقام جا نعرا هڻي رهيا هئا. هر هنڌ بينر لڳل هئا، جن تي لکيل هو “اسان کي اٿي بيهڻ گهرجي.” گهٽين ۾ جنگي ترانا گونجي رهيا هئا، جڏهن ته ڪربلا ۾ امام حسينؑ ۽ سندن ساٿين جي شهادت جا نوحا پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. اهو گڏيل غم هو، جنهن کي رياست پنهنجي مضبوطي ۽ مزاحمت جي علامت بڻائي پيش ڪري رهي هئي.
منهنجي ملاقات هڪ عمر رسيده حامي اڪبر علي جعفري سان ٿي، جنهن چيو: “هن جنگ انقلاب کي نئين زندگي ڏئي ڇڏي آهي.”
سندس خيال ۾ اسلامي انقلاب جو بنيادي مقصد ٻيهر زنده ٿي ويو آهي، ۽ ان جي قيادت هاڻي هڪ پوڙهي ۽ تڪراري حڪومت بدران قوم جي محافظ طور نظر اچي رهي آهي.
جنازي کان پوءِ بدلجندڙ تهران
جولاءِ جي شروعات ۾ قتل ٿيل اڳواڻ جي جنازي کان ڪجهه ڏينهن اڳ، انقلابي چوڪ تي هڪ وڏي مڪي جي شڪل وارو يادگار تعمير ڪيو ويو. اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) اهو هنڌ ان پيغام لاءِ چونڊيو ته اسلامي جمهوريه اڃا به اڻشڪسته آهي.
جنازي جون تقريبون قومي اتحاد ۽ تسلسل جو وڏو منظر پيش ڪري رهيون هيون، جيڪي نه رڳو ملڪي يڪجهتي لاءِ پر مغربي دنيا کي پيغام ڏيڻ لاءِ پڻ منظم ڪيون ويون هيون.
پر رياستي جنازي جي ٻئي ئي ڏينهن تهران جو منظر بدلجي ويو.
انقلاب اسڪوائر ڀرسان آرٽ گيلريون ٻيهر کلي ويون. نوجوان عورتون ٽي شرٽ ۽ جينز پهري، بنا وارن ڍڪڻ جي تصويرون ٺاهي رهيون هيون. شاهوڪار علائقي تجريش ۽ صدين پراڻي گرينڊ بازار ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون موٽر سائيڪلن تي گهمي رهيا هئا يا بيهي ويپ پي رهيا هئا. پاسداران واري علائقي جي ڪيفيز ۾ نوجوان جوڙا هٿن ۾ هٿ ڏئي ويٺا هئا، جڏهن ته نوجوانن جا ٽولا زور زور سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
ان موقعي تي مون کي اڪبر علي جعفري جون ڳالهيون ياد آيون، جنهن چيو هو ته اسلامي جمهوريه نوجوان نسل کي پاڻ سان شامل ڪرڻ چاهي ٿي. حقيقت ۾ مون ان جون نشانيون پنهنجي اکين سان ڏٺيون.
لباس بابت پابنديون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نرم ٿي ويون هيون. موسيقي ۽ کليل هنڌن تي گڏيل ميل جول بابت به پابندين ۾ نمايان نرمي ڏسڻ ۾ آئي. اهو ايران چار سال اڳ واري ايران کان بلڪل مختلف هو، جتي اخلاقي پوليس يا ’گشت ارشاد‘ هر هنڌ موجود هوندي هئي.
هي فورس 2005ع ۾ محمود احمدي نزاد جي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو مقصد معاشري ۾ اسلامي ضابطن تي عمل ڪرائڻ هو. پر 2022ع ۾ مهسا اميني جي حراست دوران موت کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿيڻ سبب هن فورس جون سرگرميون معطل ڪيون ويون.
ان وقت هزارين عورتن پنهنجا حجاب لاهي “عورت، زندگي، آزادي” جا نعرا هنيا، جيتوڻيڪ انهن کي سخت رياستي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پيو.
24 ورهين جي سماجي ڪارڪن مريم رضائي، جيڪا هڪ خانگي ڪمپني ۾ مئنيجر آهي، انهن ڏينهن کي ياد ڪندي چوي ٿي: “اهي ڏاڍا خوفناڪ ڏينهن هئا. احتجاج منظم ڪرڻ لاءِ اسان واٽس ايپ ۽ ٽيليگرام جا ڳجها پيغام استعمال ڪندا هئاسين. منهنجون ڪيترائي ساٿي گشت ارشاد گرفتار ڪري اصلاحي مرڪزن ڏانهن موڪليا. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اهي اڇيون وينون، جن تي ڳاڙها سائو پٽا هوندا هئا، عوامي هنڌن تي ماڻهن جو پيڇو ڪندي نظر نٿيون اچن.”
ايران جي قومي سڃاڻپ، جنگ ۽ نوجوانن جو بدلجندڙ رويو
ايراني پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان تمام گهرو لاڳاپو رکن ٿا ۽ ايران کي هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ هڪ عظيم تمدني رياست سمجهن ٿا. سندن قومي سڃاڻپ ڪيترن ئي تهن تي ٻڌل آهي، جن ۾ شيعا اسلامي سڃاڻپ ۽ فارسي ثقافتي ورثو هڪ ٻئي سان ملي وڃن ٿا، نه ڪي هڪ ٻئي جي جاءِ وٺن ٿا.
اسلام کان اڳ واري فارسي تهذيب کي به اڄ تائين محفوظ رکيو ويو آهي. ان جو اظهار نوروز (ايراني نئين سال) جي جشن، يلدا رات (سياري جي سڀ کان ڊگهي رات) ۽ چهارشنبه سوري (باهه جي روايتي عيد) جهڙن ميلن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
يارهين صديءَ جي مشهور فارسي شاعر فردوسي جو شاهڪار شاهنامو ايراني قومي سڃاڻپ جو بنيادي ستون سمجهيو وڃي ٿو. اها قومي سڃاڻپ ايتري مضبوط آهي، جو مذهبي قيادت به پنهنجي نظرياتي رخ باوجود ان کي قبول ڪرڻ ۽ قومي جذبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ کان پوءِ قومي سڃاڻپ جو اهو جذبو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي.
هن ماحول کي سمجهڻ لاءِ مون محمد مهدي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ هٿ جي هنر وارين شين جو دڪان هلائي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جي تهذيب کي “مٽائي ڇڏڻ گهرجي”، ۽ پوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل سندس اباڻي شهر اصفهان جي صدين پراڻين تاريخي عمارتن تي بمباري ڪئي، تڏهن هن ۽ سندس دوستن جي سوچ مڪمل طور بدلجي وئي.
اصفهان کي فارسي ۾ “اڌ جهان” چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجي فن، ثقافت ۽ خوبصورتي سبب دنيا جي اڌ حسن جي برابر سمجهيو ويندو آهي.
محمد مهدي چوي ٿو: “جڏهن پلن ۽ بجلي جي نظام کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون مليون ته مان ۽ منهنجا دوست علامتي طور انهن جي حفاظت لاءِ نڪري پياسين. ايران وينزويلا ناهي. جيڪڏهن هو ٻيهر اسان تي حملو ڪندا ته اسين به ڀرپور جواب ڏينداسين. پهرين ٻاهرين دشمن کي شڪست ڏينداسين، پوءِ پنهنجي اندروني مسئلن سان وڙهنداسين.”
ساڳئي وقت مريم رضائي ۽ سندس سهيلي فاطمه احمدي ان ڊجيٽل نسل سان تعلق رکن ٿيون، جنهن هن سال جي شروعات ۾ حڪومت مخالف احتجاجن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. پر هاڻي هڪ دلچسپ تبديلي اچي چڪي آهي.
آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ اهي ئي نوجوان، جيڪي اڳ حڪومت جا سخت مخالف هئا، هاڻي قومي پرچم ۽ رياست جي حمايت ۾ بيٺل نظر اچن ٿا.
فاطمه احمدي چوي ٿي: “اسان حملي آور قوتن جي حمايت ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ اسان هڪ باوقار قوم آهيون، ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت آڏو ثابت قدم رهڻ تي اسلامي جمهوريه جي حمايت ڪريون ٿا.”
اهي نوجوان حڪومت کي پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ قومي ورثي جي محافظ طور ڏسن ٿا، ۽ قومي يڪجهتي، بقا ۽ تمدني فخر جي سڏ تي لبيڪ چئي رهيا آهن.
سوشل ميڊيا تي به هزارين نوجوانن ايران جي مزاحمت ۽ ثابت قدمي تي فخر جو اظهار ڪيو. خاص طور تي Explosive Media پاران تيار ڪيل “ليگو وڊيوز” تمام گهڻيون وائرل ٿيون.
اهڙيءَ طرح جڏهن ملڪ کي ٻاهرين وجودي خطري کي منهن ڏيڻو پيو، تڏهن “عوام بمقابله حڪومت” وارو تڪرار پس منظر ۾ هليو ويو ۽ ان جي جاءِ “حملي آور بمقابله ايران” واري قومي جذبي وٺي ڇڏي.
حڪومت، نوجوان نسل ۽ طاقت جو بدلجندڙ توازن
جنگ جي پسمنظر ۾ سماجي پابندين ۾ آيل نرمي شايد حڪومت جي هڪ نئين حڪمت عملي جو حصو هجي. اهم سوال اهو آهي ته حڪومت انهن نوجوانن سان ڪيئن نڀائيندي، جن جنگ دوران ته قومي وفاداري جو مظاهرو ڪيو، پر جن جون سماجي ۽ ثقافتي قدرون مذهبي حڪومتي نظام کان گهڻو مختلف آهن؟
هڪ روڊ ڪناري واري ڪيفي ۾ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ علي رضا سان ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته اڃا اهو چوڻ جلدبازي هوندي ته هي تبديلي عارضي آهي يا مستقل.
هو چوي ٿو: “اڃا اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ تمام جلدي آهي. ٿي سگهي ٿو حڪومت نوجوانن کي وڌيڪ آزادي ڏئي، جيئن هو پنهنجي پسند جا ڪپڙا پائين، موسيقي ٻڌن ۽ عوامي هنڌن تي هڪٻئي سان ملي سگهن، جيستائين هو سياسي تنظيمون نه ٺاهين.”
هن جي خيال ۾ اهڙي حڪمت عملي سان حڪومت عملي طور زندگيءَ جي طرز بابت آزادي ۽ سياسي آزادي کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيندي. يعني ماڻهن کي ذاتي زندگي ۾ وڌيڪ آزادي ملندي، پر سياسي سرگرمين تي ڪنٽرول برقرار رهندو.
ٻئي طرف حڪومتي حلقن جي ويجهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اختيارين کي ملڪ اندر دراندازي بابت ڳڻتي به آهي، خاص ڪري انهن ڪوششن کان پوءِ جيڪي آمريڪا مبينا طور حملن کانپوءِ ايران ۾ بغاوتون ڀڙڪائڻ لاءِ ڪيون.
اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته حڪومت عوامي هنڌن تي اخلاقي ضابطن ۾ وڌيڪ نرمي آڻي سگهي ٿي، پر ساڳئي وقت اختلاف راءِ ۽ جاسوسي کي روڪڻ لاءِ ڊجيٽل ۽ جسماني نگراني وڌيڪ سخت ڪري سگهي ٿي.
انقلابي گارڊ ۽ مذهبي قيادت وچ ۾ طاقت جي ڇڪتاڻ
سماجي آزادين کان به وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته 1979ع جي اسلامي انقلاب مان گڏ نڪتل ٻن وڏين قوتن ــ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) ۽ مذهبي قيادت ــ جي وچ ۾ طاقت جو توازن هاڻي ڪيئن بدلجي رهيو آهي.
انقلاب کان پوءِ مذهبي اڳواڻن نظرياتي رهنمائي فراهم ڪئي، جڏهن ته انقلابي گارڊ عملي طاقت جو ذريعو بڻيا. پر هن جنگ کان اڳ تائين انقلابي گارڊ حڪومت جي معاشي، فوجي، سلامتي ۽ علائقائي پاليسين جو سڀ کان اهم ستون بڻجي چڪا هئا، جڏهن ته مذهبي قيادت جي اثر رسوخ ۾ گهٽتائي اچي رهي هئي، خاص طور نوجوان نسل جي ثقافتي سوچ جي ڪري.
آمريڪي حملن دوران عوام جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سبب هاڻي انقلابي گارڊ پاڻ کي قومي بقا جو ضامن سمجهن ٿا، جنهن سان سندن سياسي حيثيت وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي.
اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو. ايران-عراق جنگ کانپوءِ به انقلابي گارڊ جي حيثيت، وسيلن ۽ خودمختياري ۾ غيرمعمولي اضافو ٿيو هو.
تاريخي طور تي انقلابي گارڊ سماجي ڪنٽرول کي مذهبي فرض کان وڌيڪ هڪ سلامتي جي ضرورت طور ڏسندا رهيا آهن، ۽ هر قسم جي مخالفت کي قومي سلامتي لاءِ خطرو سمجهندا رهيا آهن.
هاڻي جيڪڏهن سماجي پابندين ۾ وڌيڪ نرمي اچي ٿي ته مذهبي حلقن اندر اختلاف پيدا ٿي سگهي ٿو.
عملي سوچ رکندڙ مذهبي اڳواڻ شايد ان نرمي کي سماجي دٻاءُ گهٽائڻ جو ذريعو سمجهن، جڏهن ته سخت گير حلقا ان کي نظرياتي پسپائي ۽ شڪست قرار ڏئي سگهن ٿا.
جيڪڏهن جنگ کانپوءِ سياسي طاقت جي ورهاست ۾ تبديلي آئي، ته گهڻن مبصرن جي خيال ۾ آخري ۽ فيصلائتو اختيار اسلامي انقلابي گارڊ وٽ هوندو.
معيشت، نوجوانن جا خدشا ۽ ايران جو غيريقيني مستقبل
جيتوڻيڪ سماجي آزاديون وڌڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر ايران جا نوجوان چون ٿا ته انهن جو سڀ کان وڏو مسئلو لباس يا طرزِ زندگي نه، پر ملڪ جي خراب معاشي صورتحال آهي.
سندن چوڻ آهي ته رڳو سماجي تبديليون ايران جي ڪنهن به طبقي، خاص طور تي لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو نوجوان آبادي، کي مطمئن نٿيون ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته معاشي بحران سڀني مسئلن کان وڏو آهي.
فاطمه چوي ٿي: “زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي وئي آهي. تيزي سان وڌندڙ مهانگائي گهٽ آمدني وارن خاندانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ته وچولو طبقو به سخت دٻاءُ هيٺ آهي. مستقبل جي غيريقيني سبب ڪيترن ماڻهن کي ائين لڳي ٿو ڄڻ هو ساهه به نٿا کڻي سگهن.”
ڪيترن ئي نوجوان ايرانيَن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي معيشت آهستي آهستي ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. سندن موجب مهانگائي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، جيڪا ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ سطح سمجهي وڃي ٿي، جڏهن ته بيروزگاري پڻ ماڻهن لاءِ وڏي پريشاني بڻيل آهي.
هو زور ڏين ٿا ته ايران کي عالمي اڪيلائي ۽ معاشي پابندين مان نڪرڻ جو ڪو رستو ڳولڻو پوندو.
21 ورهين جو انجنيئرنگ جو شاگرد علي واحدي چوي ٿو: “هاڻي هڪ ماڻهوءَ جي ڪمائي سان ڪنهن به خاندان جو گذارو نٿو ٿي سگهي. منهنجو والد ٽرانسپورٽ جو ڪم ڪري ٿو. مان پڙهائي سان گڏ پارٽ ٽائيم نوڪري ڪندو آهيان، منهنجي ڀيڻ به ڪمائي ٿي، تڏهن وڃي تهران جهڙي شهر ۾ زندگي هلائي سگهجي ٿي. جڏهن روزمره جي زندگي ايتري ڏکي هجي ته پوءِ مان پنهنجي مستقبل جا خواب ڪيئن ڏسان؟”
انقلابي گارڊ جي نظر ۾ جنگ ۽ مستقبل
ٻئي طرف سخت گير اسلامي انقلابي گارڊ (IRGC) جو خيال آهي ته وقت سندن حق ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. انهن جو يقين آهي ته “ناقابلِ اعتماد دشمنن” سان ڊگهي ڇڪتاڻ ايران لاءِ وڌيڪ جيو-اسٽريٽجڪ فائدا آڻي سگهي ٿي، جن ۾ خليج ۾ آمريڪي سلامتي واري اثر کي ڪمزور ڪرڻ، يمن ۾ حوثين ۽ لبنان ۾ حزب الله جهڙن اتحادي گروهن لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪرڻ، ۽ ايران کي هڪ اهم علائقائي طاقت طور وڌيڪ مضبوط ڪرڻ شامل آهي.
انهن جو اهو به خيال آهي ته جيڪڏهن ايران پاڻ کي “فاتح” طور پيش ڪري ۽ هرمز لنگهه تي پنهنجو اثر برقرار رکي، ته اهو ملڪ لاءِ نئين معاشي سهاري جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. هرمز اها اهم سامونڊي گذرگاهه آهي، جنهن مان دنيا جي لڳ ڀڳ پنجين حصي جيترو تيل ۽ توانائي گذري ٿي.
پر اها صورتحال ايران لاءِ ٻه منهين تلوار وانگر آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هي سامونڊي رستو بند ٿيڻ سبب عالمي معيشت متاثر ٿيندي ته ان جا ناڪاري اثر ايران جي معيشت تي به ضرور پوندا.
ايران ڪهڙي رخ ڏانهن وڃي رهيو آهي؟
تهران ۾ هڪ هفتو گذارڻ کانپوءِ جڏهن مان امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏانهن روانو ٿيس ته منهنجي ذهن ۾ ايران جي تاريخ جون مختلف تصويرون هڪ اڻپوري موزائيڪ وانگر گڏ ٿي رهيون هيون، جنهن ۾ اڃا تائين اهو واضح نه هو ته آخر غالب تصوير ڪهڙي هوندي.
شايد ايران ۾ هڪ نئين سماجي معاهدي جا ٻج پوکجي چڪا آهن، پر ان معاهدي جون شرطون اڃا تائين لکيون پيون وڃن.
اهو ئي سبب آهي جو ايران جو ايندڙ دور اڃا به غيريقيني نظر اچي ٿو، جتي قومي يڪجهتي، مذهبي حڪمراني، نوجوانن جون خواهشون ۽ معاشي حقيقتون گڏجي ملڪ جي مستقبل جو رخ طئي ڪنديون.(هي ليک ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پيش ڪري رهيا آهيون.)










