ڪنڌڪوٽ (ن سنڌيار)ڪنڌڪوٽ لڳ تنگواني مان 40 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻار جنيد بکراڻي بازياب، جنيد بکراڻي جي بازيابي لاء شهرين مسلسل احتجاج ڪري انتظاميه تي زور وڌو ۽ پرنٽ ميڊيا ۽ نيوز چينلن تي خبرون شايع ٿيڻ تي ايس ايس پي ڪشمور نوٽس وٺندي ڪالھ رات دير سان ڪنڌڪوٽ رسالدار لڳ پوليس پاران آپريشن ڏوهيارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڌاڙيل معصوم جنيد بکراڻي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، ايس ايس پي ڪشمور ٻار کي والدين حوالي ڪري ڇڏيو معصوم ٻار جي گهر پهچڻ تي گهر وارن ۾ خوشي جي لهر، ايس ايس پي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهيارين خلاف آپريشن جاري رهندي ۽ تمام جلد انهن کي گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي۔۔۔










