لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) خدمت انسانيت سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ پاران سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ معصوم نياڻين کي حراسان ڪرڻ واري عمل خلاف ضلعي آفيس رائيس ڪئنال روڊ کان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناح باغ چوڪ وٽ پهتي. ان موقعي تي خدمت انسانيت سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ جي مرڪزي چيئرمين واحد بخش مگسي، احمد رضا مگسي، زبير نوناري، خالد مگسي، حسيب ڀٽي، زبير سرڪي، بابر راجپر سميت ايس يو پي ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ آصمه ابڙو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ معصوم نياڻين کي حراسان ڪرڻ واري واقعن ۾ تيزي سان اضافو اچي ويو آهي، پر افسوس جو سنڌ حڪومت تعليم کاتي جي اعليٰ عمدارن ان معاملي طرف ڪو به ڌيان ناهي ڏنو، جنهن سبب وحشي صفت جوابدار سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ داخل ٿي ڪري نياڻين کي حراسان ڪن ٿا. هنن چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان بيبي آصفه ڀٽو ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جو لاش مليو هيو، جنهن نياڻي سان پڻ هن وقت تائين انصاف ناهي ڪيو ويو ته ٻئي طرف لمس يونيورسٽي جي شاگردياڻي سائرا ٿهيم کي پروفيسر ڊاڪٽر شفقت رضوي ۽ احسان ميمڻ طرفان حراسان ڪيو ويو جن خلاف پڻ ڪائي به ڪارورائي ناهي ڪئي وئي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن سنڌ حڪومت توڙي تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کان گهر ڪئي ته اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.










