ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تعليمي ادارا اسان جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا تنهنڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجن اڳوڻن ۽ مستحق شاگردن جي ترقي ۽ مالي مدد ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت گهٽ وسيلن ڪارڻ تعليم کان محروم رهجي ويندڙ سڀني هوشيار شاگردن تائين رسائي کي ممڪن بڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن مقامي هوٽل ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي پاران پنهنجي [NED] يونيورسٽي جي مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل پهرين ”ماءُ جي“ اسڪالر شپ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پروگرام ۾ وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي ڊاڪٽر سروش لوڌي، NEDIAN ايسوسيئيشن جي عهديدارن، انجنيئر آفتاب رضوي، شاگردن ۽ والدين شرڪت ڪئي. خطاب جي شروعات ۾ سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي ماضي ۾ اين اي ڊي ۾ داخلا وٺڻ واري يادن کي ياد ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ سواءِ ڪجهه ڪاليج جي ساٿين جي منهنجو ڪوبه دوست نه هو پر پوءِ مون ڪيترائي دوست ٺاهيا جيڪي منهنجي ڀائرن جيان آهن ۽ خاندان جو حصو پڻ بڻجي ويا. مراد علي شاهه چيو ته مون آمريڪا ۾ پنهنجي ڊبل ماسٽرز لاءِ ٻه اسڪالرشپون حاصل ڪيون ۽ اهي ٻئي اسڪالرشپون واپس ڪيون ته جيئن ڪو ٻيو مستحق شاگرد ان مان فائدو وٺي سگهي. وڏي وزير چيو ته هن ”قرض حسنيٰ“ (تعليم لاءِ قرض) پڻ ورتو جيڪو بعد ۾ واپس به ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته کيس 2022ع ۾ قائم ماءُ جي اسڪالر شپ شروع ڪرڻ تي خوشي ٿي، مون کي پڪ آهي ته معزز مهمان ضرور سوچي رهيا هوندا ته هن اسڪالرشپ پروگرام جو نالو ماءُ جي ڇو رکيو ويو آهي؟ هن سوال کان پوءِ جواب ڏنو ته هن پروگرام ذريعي NED ۽ NEDIAN جو مقصد انهن مائرن جي خوابن کي پورو ڪرڻ آهي جيڪي پنهنجي ٻارن کي مشهور NED يونيورسٽي ۾ تعليم ڏيارڻ جي سگهه نٿا رکن. وڏي وزير چيو ته اسڪالرشپ لاءِ انڊومينٽ فنڊ جو مطلب رڳو مستحق شاگردن جي مالي مدد ناهي پر ان جو مقصد مائرن، سندن ٻارن ۽ يونيورسٽي/ادارن وچ ۾ لاڳاپو قائم ڪرڻ آهي. مراد شاهه چيو ته مائرون پنهنجن ٻارن جي پيدائش کان وٺي سندن شاندار ڪيريئر جو خواب ڏسنديون آهن پوءِ وقت گذرڻ سان جيئن سندن ٻار وڏا ٿين ٿا ته وسيلن جي کوٽ ۽ تعليمي لاڳت سندس مائرن جي خوابن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجنديون آهن. هن چيو ته اسڪالرشپ پروگرام قائم ڪري NED، NEDIAN ۽ ڊونرز نه رڳو مائرن جي خوابن کي پورا ڪيو پر کين ٻارن کي NED ۾ تعليم ڏيارڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي. وڏي وزير اين اي ڊي يونيورسٽي انتظاميا، گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن ۽ ڊونرز کي 70 ملين رپين جي سيڊ مني ذريعي فنڊ قائم ڪرڻ واري ساهه جوڳي قدم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته NED هن فنڊ مان NEDUET جي 105 مستحق شاگردن ۾ هر سال هڪ لک رپيا في شاگرد اسڪالرشپ ورهائي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته فنڊز جي سرپرستن پاران فنڊ کي وڌائي 500 ملين رپين تائين وڌائڻ جو منصوبو آهي جنهن سان هر سال 750 کان وڌيڪ مستحق شاگردن کي يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپس ڏنيون وينديون.










