تعليم ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، استاد ڏيڻ لاءِ احتجاج

تعليم ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، استاد ڏيڻ لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر)تعليم ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جي اڀ ڏاريندڙ نعرن سان گورنمينٽ پرائمري اسڪول ماٽرو جي شاگردن ۽ ڳوٺاڻن ڊي او پرائمري جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو . جنهن جي اڳواڻي نثار ڀرٽ، امتياز ڀرٽ، ابراهيم ڀرٽ، جاويد ڀرٽ، راشد علي ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي پرائمري اسڪول ۾ گذريل ڏيڊ سال کان استاد ڪو نه آهي جنهن جي ڪري سوين شاگرد ۽ شاگردياڻين جي تعيلم تباهي جي ڪناري پهچي وئي آهي. هنن چيو ته پورو هڪ سال ٿي ويو آهي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر تعليم کاتي جا آفيسر روز ڪوڙا دلاسا ۽ ڏٽا ڏئي رهيا آهن امتحان مٿي تي آهن پر ڪو به ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناهي هنن مطالبو ڪيو ته استاد ڏئي بند پيل اسڪول کولرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو