انقرهه(ويب ڊيسڪ)ترڪ فورسز شام ۽ عراق ۾ ڪرد باغين جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 31 ڄڻا مارجي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪ اختيارين گذريل هفتي ترڪي جي شهر استنبول ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ ڪرد ويڙهاڪن جي ملوث هجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر پابندي مڙهيل ڪرد گروپ پي ڪي ڪي حملن ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي هئي.ترڪي جي بچاءَ واري وزارت موجب، ترڪ فورسز انهن بمباري کانپوءِ شام ۽ عراق جي مختلف علائقن ۾ هوائي حملا ڪيا، جن ۾ ڪرد باغين جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.شامي کردستان جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ترڪ فوجن حملن ۾ ٻن ڳوٺن جي ماڻهن کي نشانو بڻايو جن جي وڏي آبادي آهي.ترڪ بچاءَ واري وزارت جي ترجمان موجب دهشتگردن جي پناهگاهن، بنڪرز، سرنگهن ۽ گودامن کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اتر شام ۽ اتر عراق ۾ ڪرد ويڙهاڪن جا 89 ٿاڪ تباهه ڪيا ويا آهن.شام ۾ ڪم ڪندڙ برطانوي انساني حقن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته ترڪي جي حملن ۾ رڳو اتر شام ۾ 31 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته عراق ۾ حملن جو هدف واضح ناهي.ان کان اڳ آچر تي ترڪي جي سرحد تي شام کان به هڪ راڪيٽ فائر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.










