ترين، پٽ ۽ ناٺي خلاف مني لانڊرنگ جا 2ڪيس داخل

ترين، پٽ ۽ ناٺي خلاف مني لانڊرنگ جا 2ڪيس داخل

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  کنڊ اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين، سندس پٽ علي ترين ۽ ناٺي تي مني لانڊرنگ جا 2 ڪيس داخل ڪيو  ويو آهي.ايف آءِ اي جهانگير ترين ۽ علي ترين تي اڳ به ڪيس داخل ڪري چڪو آهي. ايف آءِ اي سوا 3 ارب روپين جي مالياتي فراڊ تي جهانگير ترين ۽ فيملي جي ٻين ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو.جهانگير ترين  پنهنجي ناٺي جي ڪاغذ ٺاهيندڙ بند فيڪٽري ۾ جي ڊي ڊبليو ڪمپني کان سوا 3 ارب منتقل ڪيا. بند فيڪٽري ۾ منتقل ٿيندڙ رقم ڪجهه فيملي ميمبرن جي اڪائونٽن ۾ به منتقل ٿي. جهانگير ترين جو ناٺي گودي جي وڻ مان پيپر ٺاهيندو هو. هو جهانگير ترين جي فيڪٽري ۾ 26 سيڪڙو پبلڪ شيئر هولڊر آهي.ايف آءِ اي جهانگير ترين جي رائٽ بينڊ اڳوڻي سيڪريٽري زراعت رانا نسيم جي خلاف به ڪيس داخل ڪيو. ذريعن موجب رانا نسيم گتي جي خريداري ۾ غبن ڪندو هو. رانا نسيم بطور چيف فنانشنل آفيسر جهانگير ترين جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو. جهانگير ترين الزام رد ڪندي چيو آهي ته هنن وٽ سڄي مني ٽريل موجود آهي، ڪيس غلط فهمي سبب داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو