ترين سان  پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ملاقات،نئين پارٽي جو اعلان جلد متوقع

ترين سان پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ملاقات،نئين پارٽي جو اعلان جلد متوقع

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ سينيئر سياستدان جهانگير ترين ۽ عليم خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ نئين سياسي پارٽي جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.عليم خان جهانگير ترين ۽ سندس ساٿين جي اعزاز ۾ عشائيه جو انتظام ڪيو، عشائيه ۾ تحريڪ انصاف جي موجوده ۽ اڳوڻن شخصيتن شرڪت ڪئي، عشائيه عليم خان جي رهائشگاهه تي ڏني وئي.وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي صلاحڪار عون چوڌري پڻ لانڍي ۾ شرڪت ڪئي.ذريعن موجب ملاقات ۾ جهانگير ترين عليم خان سان نئين سياسي پارٽي جي قيام بابت صلاح مشورا ڪيا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن تجويز ڏني ته اسان کي پريشر گروپ ٺاهڻ بدران نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ گهرجي، نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ سان عوام جي حقن جو بهتر طور تحفظ ٿي سگهندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي صلاحڪار عون چوڌري به نئين پارٽي ٺاهڻ تي زور ڏنو آهي.شرڪت ڪندڙن چيو ته وڌيڪ اڳواڻ پي ٽي آءِ ڇڏڻ چاهين ٿا، کين نئون پليٽ فارم ملڻ گهرجي.ذريعن موجب نئين سياسي پارٽي جو اعلان ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ جهانگير ترين اهم سياسي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندو، جهانگير ترين سان گڏ پي ٽي آءِ کان لاتعلقي اختيار ڪندڙ سياستدان به شرڪت ڪندا. پڻ حاضر رھو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانگير ترين جلد نئين پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو