لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته تخت پنجاب تان قبضو ڇڏائي وڏي وزير جي ڪرسي خالي ڪرائي ويندي، پرويز الاهي وڏو وزير ٿيو ته نواز ليگ وٽ ڪجهه نه بچندو پنجاب ۾ ووٽرز پولنگ اسٽيشنز تي اچن پيا، پر پوليس کين پريشان ڪري ٿي، رپورٽس ملن ٿيون ته پوليس ووٽنگ جي عمل ۾ مداخلت ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پوليس جي رويي تي ڇو خاموش آهي؟ حمزه شهباز ۽ ٻيا کُليل نموني چونڊ ضابطن جي ڀڇڪڙي ڪن پيا، چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ غيرقانوني حڪم ڏيندڙ قانوني ڪارروائي لاءِ تيار رهن










