اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تحريڪ لبيڪ تي پابندي جي سمري منظور ڪري ورتي آهي. وفاقي ڪابينه 24 ڪلاڪن ۾ سرڪلر سمري جي ذريعي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏني. وزيراعظم جي هدايت تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ گهرو کاتي جي وزير شيخ رشيد احمد بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو ۽ هن تنظيم کي تحليل ڪرڻ جي سمري ڪابينا ۾ ويندي. حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ ان ڏس ۾ ريفرنس به داخل ڪندي. هڪ سوال تي شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن کي شرپسندي جي اجازت نه ڏينداسين، هن چيو ته فرانس جي شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪنداسين. قانوني ماهرن موجب حڪومت جي پابندي بعد تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا اسمبلي ميمبر نا اهل ٿي ويندا. سمري ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي پرتشدد ڪارروائين سان 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 500 زخمي ٿيا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي 30 گاڏين کي نقصان پهچايو ويو. تحريڪ لبيڪ جا 2063 ڪارڪن گرفتار ۽ 115 تي ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن. هنن اسپتال تي حملو ڪيو، آڪسيجن کڻي ايندڙ ايمبولينسز تي حملا ڪيا، قومي شاهراهون بند ڪري شهرين کي پريشان ڪيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو هو ته حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان پابندي جو فيصلو دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان جي سفارش پنجاب حڪومت به ڪئي هئي. ياد رهي ته هي تنظيم 2017 ۾ اوچتو منظر تي آئي هئي ۽ نومبر ۾ نواز ليگ جي حڪومت دوران ٽي هفتا فيض آباد تي ڌرڻو هنيو هو، ان وقت فوجي ترجمان ٽوئيٽ ڪندي چيو هو ته اميد آهي ته حڪومت قومي مفاد ۾ تنظيم خلاف طاقت جو استعمال نه ڪندا، جنهن بعد هڪ ڊيل ٿي قانون وارو وزير زاهد حامد مستعفي ٿيو ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرلاظهر نويد حيات مظاهري ۾ شامل ورڪرن کي هڪ هڪ هزار روڪ ڏئي واپس گهر وڄڻ جو چيو ته اسين هڪ آهيون. آرمي چيف قمر جاويد باجوا تڏهوڪي وزراعظم شاهد خاقان عباسي کي چيو ته مظاهرين سان ڊيل ڪريو، لکت ۾ ٿيل معاهدي تي هاڻوڪي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي صحيح ٿيل هئي. مسلم ليگ (ن) وارا دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته هي تنظيم مسلم ليگ (ن) کي 2018 ۾ هارائڻ لاءِ رياستي سرپرستي م ٺهي هئي. ياد رهي ته جنرل مشرف جي دور ۾ سپاهه صحابه ۽ تحريڪ نفاذ فقه جعفريه تي پابندي لڳائي وئي پر بعد ۾ ٻئي تنظيمون مختلف نالن سان رجسٽر ڪيون ويون هيون.










