تحريڪ انصاف جي يو آءِ خلاف فارن فنڊنگ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي يو آءِ خلاف فارن فنڊنگ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي خلاف فارن فنڊنگ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ جي فرخ حبيب جي يو آءِ جي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ جي يو آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ حافظ حسين احمد جي ٽي وي انٽرويو جو ٽرانسڪرپٽ شامل آهي.فرخ حبيب جو چوڻ آهي ته حافظ حسين احمد مولانا فضل الرحمان جي لبيا ۽ عراق کان فنڊنگ وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي. مولانا خان محمد شيراني کي گهرايو وڃي، مولانا فضل الرحمان جي پنهنجن ماڻهن ئي راز کولي ڇڏيا آهن.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ٻڌائڻو پوندو ته ان کي فنڊنگ ڪٿان کان ٿي، مولانا رسيدون اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي، اسان سڀئي ثبوت جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو