سکر(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ عورتاڻي ونگ جي ضلعي صدر ڪوثر پروين اعواڻ 22 ڪارڪنياڻ سان گڏ فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. فنڪشنل ليگ جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪوثر پروين اعواڻ چيو ته وفاقي وزير فروغ نسيم جي سنڌ ڌرتي جي ورهاڱي ۽ ڪراچي کي آرٽيڪل 149 تحت وفاق جي اختيار ۾ ڏيڻ وارين ڳالهين بعد پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو فيصلو ڪندي پيرڀاڳاري جي قيادت تي مڪمل اعتماد ڪيو آهي. سيد شفقت علي شاھ چيو ته ڪوثر پروين ۽ ٻين عورتن جي پارٽي ۾ آجيان ڪريون ٿا. فنڪشنل ليگ جي قيادت سدائين ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪم ڪيو آھي. سنڌ جي ورهاڳي جي ڳالھ ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪجي ٿي سنڌ ۽ ملڪ جي حفاظت ڪبي.










