استعيفائن باوجود قومي اسيمبلي مان 3 عهدا وٺڻ جي خواهش

استعيفائن باوجود قومي اسيمبلي مان 3 عهدا وٺڻ جي خواهش

اسلام آباد: (بيورورپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجن ڪيترن ئي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري باوجود قومي اسيمبلي جي ٽن عهدن وٺڻ جي خواهشمند آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي مان اپوزيشن اڳواڻ، چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي(پي اي سي) ۽ پارلياماني اڳواڻ جي معاملي تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پارٽي اڳواڻن پرويز خٽڪ ۽ عامر ڊوگر کي ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان اڄ رابطو ڪيو ويندو ۽ سندس موجودگي موجب ئي ملاقات ڪئي ويندي. ذريعن چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان 3 عهدا پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو مطالبو ڪندي. تحريڪ انصاف جو موقف آهي ته 35 استعيفائون منظور ٿيڻ باوجود پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ وڏي اپوزيشن پارٽي آهي. ان لاءِ اسپيڪر سان اپوزيشن اڳواڻ، چيئرمين پي اي سي ۽ پارلياماني اڳواڻ جا عهدا پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو