تالو ٽوڙڻ جو  ڪيس پي پي ۽ ليگي ڪارڪنن خلاف داخل

تالو ٽوڙڻ جو ڪيس پي پي ۽ ليگي ڪارڪنن خلاف داخل

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ اسٽيڊيم جو تالو ٽوڙڻ جي ڪوشش تي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي 30 ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. قلعه ڪهنا قاسم باغ جو تالو ٽوڙڻ تي پ پ ۽ ن ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس ملتان ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ يوسف رضا گيلاني جي پٽن عبدالقادر گيلاني ۽ علي قاسم گيلاني جا نالا به شامل آهن. ملتان پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن اسٽيڊيم جي عملي سان مزاحمت ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. ياد رهي ته 30 نومبر تي پي ڊي ايم جو جلسو رٿيل آهي ۽ بينر لڳائڻ لاءِ ڪارڪن پهتا ته عملي کين ڀڄائي ڇڏيو. پنجاب حڪومت ڪورونا سبب عوامي ميڙن تي پابندي هنئي آهي ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز اپوزيشن کي جلسن کان روڪڻ جو اعلان به ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو