تازو برساتن ۾ سنڌ صوبي کي تمام گھڻو نقصان ٿيو: باري پتافي

تازو برساتن ۾ سنڌ صوبي کي تمام گھڻو نقصان ٿيو: باري پتافي

نوشھروفيروز (ن سنڌيار) صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ۽ سپروائيزر ضلعي رين ايمرجنسي عبدالباري پتافي ايس ايس پي هائوس نوشھروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو اسسٽنٽ وزيراعليٰ مولا بخش مبيجو، ڊپٽي ڪمشنر محمد تاشفين عالم پڻ موجود هئا. ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي هن چيو ته تازو برساتن ۾ سنڌ صوبي کي تمام گھڻو نقصان ٿيو آهي. ڪا به حڪومت اڪيلي سر اهڙي وڏي موسمياتي آفت کي منھن نٿي ڏئي سگھي. سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ عالمي امداد جي ضرورت آهي. ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ مخير حضرات اڳتي اچن، ضلعي جي سمورن ڳوٺن ۾ ڪيترائي فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آهي. متاثرين ان ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ سخت ناراض آهن. هن چيو ته شھرين کي صحت جون سھولتون گھرجن. ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي ۽ کين راشن ۽ پکا کاڌو به فراهم ڪيو پيو وڃي. هن وقت جانورن کي ويڪسينيشن ڏني پئي وڃي جتي به ممڪن هجي ته انهن تائين پھچي سگھن، ضلعي جا 70 هزار گھر ٻوڏ سبب متاثر ٿيندا، 90 سيڪڙو آبادي متاثر ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ميڊيا ۾ اڻ تصديق ٿيل خبرن کان پاسو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان رقم ڪاٽيندڙ عنصرن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ هن وقت تائين 5500 خيما ۽ 5500 راشن بيگز ملي چڪا آهن جيڪي پاڪ فوج طرفان ورهايا ويا آهن، صوبائي وزير وڌيڪ چيو. هن چيو ته قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي روانگي لاءِ وڏو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت روڊن تان بيھجي ويل گاڏين کي هٽائڻ ۾ مدد ملندي، هو پنهنجو فرض سرانجام ڏيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو