ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) شهر جي سٽي پارڪ سامهون بُهه سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿي ڪري پئي جنھنجي نتيجي ۾ ڊرائيورعلي احمد کوسوزخمي ٿي پيو. زخمي ڊرائيورکي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ڪنڌڪوٽ نيو ويو. جڏھن ته شھرجي اھم روڊ تي ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي سخت تڪليف جومنهن ڏسڻو پيو.










