بينچ ٺهڻ کانپوءِ ٻار ٻار خبر هوندي آهي ته فيصلو ڇا ايندو: شاهد خاقان

بينچ ٺهڻ کانپوءِ ٻار ٻار خبر هوندي آهي ته فيصلو ڇا ايندو: شاهد خاقان

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عدالتي بينچ ٺهڻ کانپوءِ ٻار چئي رهيا هئا ته اهو ئي فيصلو ٿيندو. شاهد خاقان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن سان اونداهي باب جو اضافو ڪيو آهي، تاريخ ان کي قبول نه ڪندي ۽ اهو ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، عدليه پارليامينٽ کي چئلينج ڪري رهي آهي. اڳوڻي وزيراعظم سوال اٿاريو ته ڇا سپريم ڪورٽ جا باقي 12 جج اهل ناهن؟ ن ليگ اڳواڻ چيو ته اڄ ملڪ جي مسئلن جو حل چونڊن ۾ ناهي، آڪٽوبر جو چونڊن سان ڪو به تعلق ناهي، اليڪشن جو فيصلو اتحادين سان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو