بيرسٽر گوهر ۽ اياز صادق وچ ۾ ملاقات طئي

بيرسٽر گوهر ۽ اياز صادق وچ ۾ ملاقات طئي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي وچ ۾ ملاقات اڄ طئي ٿي وئي.ذريعن موجب ملاقات ۾ لانگ مارچ بابت ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ پارلياماني معاملي بحث هيٺ ايندا، بيرسٽر گوهر پي ٽي آءِ جي گرفتار ميمبرن ۽ وڌيڪ گرفتارين بابت ميمبرن جي خدشن کان اسپيڪر کي آگاهه ڪندو.بيرسٽر گوهر ۽ اياز صادق جي وچ ۾ گذريل ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون هيون. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر ميڊيا سان ڳالهين ۾ چيو ته اسپيڪر سان ٽيليفون تي رابطو ڪالهه ٿي ويو هو. اڄ انهي سان ملاقات جو امڪان نه آهي. ڪالهه قومي اسيمبلي جو اسپيڪر موجود نه هو، اڄ مان مصروف آهيان. هن جو چوڻ هو ته ايمرجنسي نه لڳڻ گهرجي، نه ئي ايمرجنسي جي صورتحال آهي، لانگ مارچ اسان جو سياسي فيصلو آهي ۽ لانگ مارچ اٽل آهي، لانگ مارچ سياسي ۽ پرامن هوندو. اسان ڪنهن تي به چڙهائي نه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وزيراعليٰ سهيل آفريدي ئي رهندو. ايم پي ايز وزيراعليٰ جي لاءِ پنهنجون سي ويون پنهنجن کيسن رکن.بيرسٽر گوهر چيو ته شوڪت يوسفزئي مون کي واٽس ايپ تي خط اماُڻيو، اهو منهنجي ۽ انهي جي وچ ۾ ڳالهه آهي، هر ڪو راءِ ڏئي سگهي ٿو، اسان شوڪت يوسفزئي جي راءِ جي قدر ڪريون ٿا، نه پارٽي کي شوڪت يوسفزئي سان ناراضگي آهي نه ئي شوڪت يوسفزئي ناراض آهي، اهو اڃان تائين اسان جي پارٽي جو صوبائي سيڪريٽري اطلاعات آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هي هڪ جمهوري پارٽي آهي، اهڙا خط ايندا رهندا آهن، مون کي هن هفتي پارٽي جا 180 خط آيا هوندا، هر خط جو جواب ته نٿو ڏئي سگهان، اپوزيشن اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي ملاقات آئيني معاملو آهي، ٻنهي جي ملاقات ضرورت ٿيڻ گهرجي، راڻا ثناءُالله منهنجي به ڳالهه ڪئي آهي، پر منهنجي ملاقات ۾ موجودگي جو انحصار محمود اچڪزئي سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو