ٽنڊومحمدخان(ن س) شهر جي وڏي خانگي اسپتال جي باروٿ روم جي، ڊبليو سي مان نئون ڄاول ٻار زندهه هٿ ڪيو ويو، وينٽيليٽر تي رکڻ بعد سندس حالت سڌرڻ لڳي. اسپتال انتظاميا موجب ٻارڙي کي هڪ عورت ڦٽو ڪري وئي ۽ سي سي ٽي وي جي مدد سان پوليس عورت جو پتو لڳائي رهي آهي، هڪ برقعو پاتل عورت باٿ روم ۾ وئي ۽ ٻار ڦٽو ڪري هلي وئي. ٻارڙو اسٽيشن روڊ تي قائم خانگي اسپتال جي باٿ روم مان مليو.

انتظاميا معصوم کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪري کيس وينٽيليٽر تي رکيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هاڻي ٻارڙي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. انتظاميا موجب اهو ٻار هِن اسپتال ۾ ناهي ڄايو، واقعو اسپتال خلاف سازش ٿي سگهي ٿو. سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته پوليس گهڻ رخي جاچ ڪري پئي ۽ جلد ان عورت جو پتو لڳايو ويندو.










