بي ايل اي سان مقابلي ۾ 2 سيڪورٽي اهلڪار شهيد

بي ايل اي سان مقابلي ۾ 2 سيڪورٽي اهلڪار شهيد

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي تبادلي ۾ 2 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب 7 ۽ 8 اپريل جي وچ تي سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي مشڪئي ويجهو سانگي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. سڪيورٽي اهلڪارن علائقي ۾ ناڪابندي ڪرڻ لاءِ پوزيشنون سنڀالڻ شروع ڪيون ته دهشتگردن پنهنجي ڳجهي هنڌ تان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) سان تعلق رکندڙ 2 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جيڪو دهشتگرد علائقي ۾ امن امان کي خراب ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. آپريشن دوران ٻه بهادر پوٽا حوالدار تاج ولي خان ۽ سپاهي اسامه خان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هڪ اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو