ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڏني آهي ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ ڄام صادق برج سان گڏ بي آر ٽي ييلو لائن جي نئين پل جي تعمير جي اين آئي ٽي جاري ڪئي وڃي، ان سان گڏ دائود چورنگي ۽ انڊس هاسپيٽل بس ڊيپوز جي بائونڊري وال جي تعمير لاءِ پڻ اظهار دلچسپي جا نوٽس شايع ڪرايا وڃن، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اھڙيون هدايتون بي آر ٽي ييلو لائن پروجيڪٽ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ پروجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ خاص طور ڄام صادق برج وٽ ييلو لائين لاءِ نئين پل جي تعمير جي باري ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي شهرين لاءِ سفري آسانين جي حڪومتي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي. اسان چاهيون ٿا ته نئين پل جي تعمير جي شروعات جلد کان جلد ٿئي، هن هدايت ڏني ته پل جي تعمير جي دوران حفاظتي اپائن جو خاص خيال رکيو وڃي، ته جيئن ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي. هن چيو ته پل جي تعمير جي مدت گهٽ ڪري هڪ کان ڏيڍ سال ڪئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري کي ڊي آئي جي ٽريفڪ سان اجلاس ڪري ڄام صادق برج تي هيوي ٽريفڪ جو متبادل ٽريفڪ پلان جوڙڻ جي پڻ هدايت ڏني. هن چيو ته تعمير ۽ مرمت جي ڪم جي شروعات تي ڄام صادق پل تي هيوي ٽريفڪ تي پابندي لڳائي وڃي. صوبائي وزير چيو ته پل جي تعمير سان گڏ دائود چورنگي ۽ انڊس بس ڊپو جي بائونڊري وال جي ڪم جي پڻ شروعات ڪئي وڃي، بس ڊپو ايليويٽڊ ٺاهيا وڃن، ڇا ڪاڻ ته شهر ۾ زمين ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي. ايم ڊي ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نئين برج هڪ ڪلو ميٽر ڊگھي هوندي. موجوده ڄام صادق برج ۽ نئي پل جي وچ ۾ 5 ميٽرن جو مفاصلو آهي. ھن چيو تہ ڄام صادق برج جي تعمير 1988 ۾ شروع ٿي، هي پل 30 سال کان شهرين کي اچ وڃ جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر بي آر ٽي ييلو لائن امير فضل، نيسپاڪ ۽ ڊار ڪنسلٽنٽس سميت لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.










