ملير (درياخان شر)پورٽ قاسم ۾ قائم اينگرو ڪيميڪل ڪمپني جي بوائلر مان گئس خارج ٿيڻ سبب 100 جي لڳ ڀڳ پورهيت بيهوش ٿي ويا، بيھوش پورھيتن کي گلشن حديد جي مختلف اسپتالن ۾ آندو ويو. ڪمپني مان گئس ليڪ ٿيڻ سبب علائقي ۾ خوف حراس پکيڙجي ويو آهي.

ماڻهو گھرن تائين محدود ٿي ويا.جنھن بعد رينجرز ۽ پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪندي عام ماڻھن جي اچ وڃ تي پابندي لڳائي ڇڏي، ريسڪيو جو عمل جاري آهي، 80پورھيتن کي جناح اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، هڪ جي حالت نازڪ آهي ٻين کي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو.










