بنون ۾ سي ٽي ڊي جو آپريشن، پنج دهشتگرد مارجي ويا

بنون ۾ سي ٽي ڊي جو آپريشن، پنج دهشتگرد مارجي ويا

پشاور: (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيرارزم(سي ٽي ڊي) خيبرپختونخواهه بنون ۾ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي بنون ريجن ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس ضلع بنون گذريل رات دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي هويد ٿاڻي جي علائقي رندي فلڪ شير ۾ گڏيل ڪارروائي ڪئي. آپريشن دوران ڇاپو هڻندڙ ٽيمن مٿان دهشتگردن طرفان فائرنگ ڪئي وئي جنهن تي جوابي فائرنگ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان 3 ڪلاشنڪوف، 12 ميگزين، نائن ايم ايم پستول، 30 بور پستول ۽ ميگزين جڏهن ته ڪافي تعداد ۾ ڪارتوس ۽ 30 بنڊولوئر سڃاڻپ ڪارڊ، روڪ رقم، مختلف قسمن جا ڪارڊ، موبائل فون، سي ڊي 70 موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. ٻيا دهشتگرد رات جي اونداهي جو فائدو کڻنندي فرار ٿي ويا.فرار دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سي ٽي ڊي پوليس ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس جو گڏيل سرچ آپريشن جاري آهي. مذڪوره دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ، بم ڌماڪن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ سي ٽي ڊي بنون کي گهربل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو