بند ڊائلاسز سينٽر ٻيهر کُلي ويو، مريضن ۾سرهائي

بند ڊائلاسز سينٽر ٻيهر کُلي ويو، مريضن ۾سرهائي

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) گذريل ٻن مهينن کان لڳاتار بند ڊائلاسز سينٽر ٻيهر کلي ويو آهي نئين آيل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر نثار عباسي جي ڪوششن سان بحال ٿيل ڊائلاسز سينٽر تي نوشهروفيروز جي شهرين ۾ سرهائي جڏهن ته ڊي ايڇ او ڊاڪٽر نثار عباسي ڊائلاسز سينٽر جو دورو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته جيئن ئي مون چارج ورتي ته خبر پئي هتان جو ڊائلاسز سينٽر ڪيتري ئي عرصي کان بند پيل آهي ٽن ڏينهن اندر ڪمپني وارن , سيڪريٽري هيلٿ زاهد عباسي سميت ٻين بالا آفيسرن کان مدد گهري ۽ ان تي ورڪ ڪيو هن چيو ته مونکي خوشي آهي ته منهنجي ضلعي جو هي سينٽر کولرائڻ ۽ هتان جي رهواسين جي خدمت جو موقعو مليو آهي مان اپيل ٿو ڪيان انهن ڊائلاسز جي مريضن کي جيڪي سينٽر بند هجڻ ڪري ٻين سينٽر ڏانهن ويل آهن اهي هاڻي واپس پنهنجي سينٽر تي اچن انهن کي هر سهولت ملندي هن چيو ته ميڊيا جي دوستن کي به گذارش آهي ته هي سينٽر انساني جانيون بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ان حوالي سان ڪابه خبر هجي ته ان کي تصديق ضرور ڪن اسان گڏجي عوام جي ڀلائي لاء ڪم ڪنداسين ان موقعي تي ڊاڪٽر عارف مشتاق ٻوهيو , پرييس ڪلب نوشهروفيروز جو صدر ايم ظفر تڳر حاجي سهيل احمد راڄپر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هيا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو