ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان ڳوٺ محمد لاشاري جو رھواسي 25 سالا ابراھيم لاشاري ولد سليمان لاشاري غربت کان تنگ اچي مبينا طور ڳچي ۾ ٽوال وجھي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. هن گھرن ڀرسان ھڪ وڻ ۾ ٽوال ٻڌي ڦاھي تي لٽڪي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاء اجهائي ڇڏيو. جڏھن ته آخري اطلاع تي بلڙي شاھ ڪريم پوليس لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي رورل ھيلٿ سينٽر کڻائي آئي آهي پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته ابراھيم لاشاري شادي شده ۽ 5 ٻارن جو پيءُ هو. جنهن غربت سبب خودڪشي ڪئي. ***گلاب لغاري مان سليمان چانڊيو موجب ڳوٺ خير محمد لغاري ۾ ٻن سالن جي نمرا ڌيءَ ساجد لغاري راند ڪندي ڊاٽسن جي ٽائر هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي جنھنجو لاش گهر ۾ پهچڻ تي قهرام مچي ويو.










