دادو (ادل مهيسر ) سول اسپتال دادو جي او پي ڊي ڀرسان بلڊ بئنڪ جي ويرانڊي جي ڇت مان سيمنٽ جا چاپڙ ڪري پيا جنهن سبب علاج لاءِ آيل ٽي مريض زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مظهر حسين پنهور، عبدالعليم شيخ، عبدالحميد مستوئي شامل آهن جن کي فوري طور ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو طبي امداد ڏيڻ بعد زخمين کي فارغ ڪيو ويو.










