ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ جولاءِ مهيني جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 127 ٿي ويو آهي.رپورٽن مطابق چاغي ۽ مستونگ ۾ 3 ۽ ڊيرا بگٽي ۾ وڌيڪ هڪ شخص فوت ٿي ويو، صوبي ۾ تيز برساتن سبب 13500 گهر متاثر ٿيا جڏهن ته 140 بجلي جا پول ڪري پيا.قلعي سيف الله ۽ لسبيلا ۾ طوفاني برساتن بدترين تباهي مچائي ڇڏي، جتي برسات جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو ويو.رپورٽن مطابق بلوچستان ۾ هن ڀيري 100 ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون، اوٿل ۾ ٻوڏ گهرن کي لڙهي ڇڏيو.ٽوبه اچڪزئي، مستونگ، خضدار ۽ ڪوئيٽا ۾ باغن جي تباهي سبب هارين جي حياتي جي بچت ٿي وئي. آواران، واشڪ ۽ بسيما سميت مختلف علائقن ۾ موبائيل فون سروس متاثر آهي، جنهن سبب متاثرين کي رابطي ۾ پڻ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ٻئي طرف لسبيلا ضلعي جا ٻوڏ متاثر 8 ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا جي امداد جا منتظر آهن، پکڙيل آبادگارن تائين امداد پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، سوين گهر ريل جي ڪري تباهه ٿي ويا آهن ۽ زرعي زمينون پڻ تباهه ٿي ويون آهن.ان کان علاوه نوشڪي ۾ به تباهي جا منظر سامهون اچي رهيا آهن، شهرين محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.










