بلوچستان ۾  برساتن سبب تباهي، 136 ڄڻا فوت، گهر، پل ۽ شاهراهون ٻڏي ويون

بلوچستان ۾ برساتن سبب تباهي، 136 ڄڻا فوت، گهر، پل ۽ شاهراهون ٻڏي ويون

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ هن وقت تائين 136 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ 56 مرد، 47 ٻار ۽ 33 عورتون شامل آهن، جڏهن ته برساتن دوران مختلف واقعن ۾ 70 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.پي ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب برساتن سبب 13535 گهر تباهه ۽ 3406 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا، مختلف ضلعن ۾ 16 پل ۽ 640 ڪلوميٽر روڊن کي نقصان پهتو.پي ڊي ايم اي موجب برساتن ۽ سيلابي نالن ۾ ٻڏڻ سبب 23 هزار 13 ڍور مري ويا، 8 بند ۽ ڪيترائي سيفٽي ڊيم سيلاب چينلز جي ڪري متاثر ٿيا، جڏهن ته برساتن سبب 198 هزار ايڪڙ زمين تي فصلن کي نقصان پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو