ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ تيز برسات تباهي ۾ تبديل ٿي وئي، جتي مهتر زئي کان ۾ آيل ٻوڏ عورت ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا ٻڏي ويا، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پي ڊي ايم اي موجب ڪن مهترزئي جي علائقي زغلونا ۽ يعقوب ڪريز ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، جنهن سبب 100 کان وڌيڪ گهر ۽ فصل ٻڏي ويا. پي ڊي ايم اي موجب ٽوبه اچڪزئي ۽ پاڪ افغان سرحدي علائقن ژوب، قلعه سيف الله، زيارت، پشين ۽ قلعه عبدالله ۾ رات کان تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. چمن، پشين، مسلم باغ، خان مهترزئي، قلعه سيف الله ۾ وڏي پيماني تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي، امدادي ٽيمن ٻوڏ ۾ ٻڏي فوت ٿيل هڪ عورت ۽ 2 ٻارن جا لاش ڪڍيا آهن، جڏهن ته 2 ٻارڙا اڃا تائين گم آهن. 15 گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب باب دوستي بارڊر بند ٿي ويو، جڏهن ته بندن جي اوور فلو سبب صورتحال خراب ٿي وئي، سوراب ۾ درياهه جو بند ٽٽڻ سبب هوٽلون، ڪيترائي دڪان ۽ گاڏيون ٻڏي ويون. صوبي جا ڪيترائي رستا ۽ پُل ٻڏي ويا، صوبي جو هڪ ٻئي سان ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان رابطو جڳهين تي ڪٽجي ويو. صوبي ۾ بدتر صورتحال سبب مسافر بسون روڊن جي وچ ۾ بيهجي ويون آهن، مال بردار ٽرينون به روڊ کولڻ جو انتظار ڪري رهيون آهن، جڏهن ته پيٽروليم شين، دوائن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. واهه، بيلا، اوٿل ۽ ونڊر وارن علائقن ۾ ٽاور ڊهي پوڻ سبب مواصلاتي نظام مفلوج ٿي ويو آهي، مسافر وڏي انگ ۾ ڦاٿل آهن. ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي تي ٻيهر برسات سبب مسافرن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي آچر تائين بند رهندو. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن جنهن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، حادثن ۾ فوتين جو انگ 111 ٿي ويو آهي جڏهن ته سوين ڍور پڻ مري ويا آهن.










