ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ڏاکڻي علائقن ۾ سخت گرمي جاري آهي. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران بلوچستان ۾ ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 6 کان 8 ڊگري وڌيڪ رهندو.موسميات کاتي موجب، سڀ کان وڌيڪ گرم ترين علائقو بلوچستان جي شهر سبي ۾ رڪارڊ ڪيو ويو، جتي وڌ ۾ وڌ گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ، نوڪنڊي ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ تربت ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي موجب، اڱاري تي صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏکڻ ضلعن ۾ منجهند ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته، ڏينهن جو گرمي پد معمول کان 06 کان 08 درجا سينٽي گريڊ وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي.










