اسلام آباد (بيورو) پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هرنائي ۾ هيليڪاپٽر حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي پنهنجي بيان ۾بلاول ڀتو زرداري حادثي ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي حادثي ۾ شهيد ميجر محمد منيب افضل ۽ ميجر خرم شهزاد کي خراج عقيدت پيش ڪيو بلاول ڀٽو زرداري شهيد نائڪ جليل، شهيد صوبيدار عبدالوحيد، شهيد سپاهي محمد عمران ۽ شهيد سپاهي شعيب کي به سلام پيش ڪيو بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ ٻڌي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جنگ واري حالت هجي يا امن، هٿياربند فوج جون آفيسرن ۽ جوانن جون وطن لاءِ قربانيون فراموش ڪرڻ جوڳيون نه آهن.










