اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردري ڪرنل لئق بيگ مرزا کي اغوا ڪري شهيد ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪرنل لئق بيگ مرزا کي اغوا ڪري شهيد ڪرڻ هڪ بزدلاڻو عمل ۽ کلي دهشتگردي آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بزدلاڻين ڪارروائين سان پاڪ فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جا عزم ۽ حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن شهيد ڪرنل قوم جو هيرو آهي ان جي قرباني رائيگان نه ويندي هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي هر شڪل جي خلاف متحد ۽ هن جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد آفيسر جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ ٻڌي جو اظهار ڪيو.










