لاهور (م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ پنجاب جي مختلف ضلعن جا سياسي اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿي ويا.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات بعد واهري جي ضلعي چيئرمين ممتاز خان ڪچي جي پٽ آفتاب خان ڪچي ۽ شهزاد خان ڪچي پ پ ۾ شامل ٿي ويا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ 5 ڀيرا پنجاب اسيمبلي جي ميمبر غلام حيدر خان جو پٽ طاهر حيدر خان ڪچي پ پ ۾ شامل ٿي ويو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ حافظ آباد مان محمد افضل خان ڪچي، محمد علي پيرزادو ۽ مذهبي اسڪالر بئريسٽر وسيم الحسن پ پ ۾ شامل ٿي ويا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ سرگوڌا مان اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر چوڌري شوڪت حيات بدراڻي ۽ ڪاشف ممتاز گجر جي گهرواري پ پ ۾ شامل ٿي ويا.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات بعد ضلعي بار ايسوسي ايشن گجرات جي اڳوڻي صدر بدرالاسلام وڑائچ ۽ ڪماليا جو اڳوڻو تحصيل ناظم ملڪ امجد يعقوب پ پ ۾ شامل ٿي ويو.پ پ 73 جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ زاهد غوري، سهيل الپا ۽ شيراز تارڙ به پ پ ۾ شامل ٿي ويا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ شمشير خان ويٽو، فخرالنساءِ زاهد غوري، سهيل الياس ۽ صاحبزاده عابد مهاروي پ پ ۾ شامل ٿي ويا.اڪرم خان ڪنجو، علي خان کانجو، ميان محمد علي پيرزادو ۽ محمد نوازش علي خان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿي ويا.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سياسي اڳواڻن جو استقبال ڪيو










