گهوٽڪي(ن س) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڇنڇر تي ٻئي ڏينهن به گهوٽڪي ضلعي ۾ پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکيون. بلاول ڀٽو زرداري خانڳڙهه ۾ راجا هائوس تي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ پارٽي کي منظم ڪرن لاءِ صلاح مشورا ڪيا. پ پ اڳواڻ نثار کهڙو، ناصر شاهه، سهيل انور سيال، محمد بخش مهر ۽ ٻيا پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران پارٽي اڳواڻن گهوٽڪيءَ ۾ ڪامياب جلسو ڪرڻ تي پارٽي چيئرمين کي مبارڪباد پيس ڪئي. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايوانن يا بنگلن ۾ محدود رهڻ بدران سدائين عوامي سياست ڪئي آهي، هن پارٽي اڳواڻن کي اختلاف وساري متحد ٿيڻ تي زور ڀريو. بلاول ڀٽو زرداري ڄام اڪرام الله ڌاريجو طرفان ڏنل مانجهاندي جي دعوت ۾ به شرڪت ڪئي. جنهن بعد چاءِ پارٽي تي خالد خان لنڊ وٽ خالد آباد ويو ۽ واپس سردار محمد بخش خان مهر وٽ خانڳڙهه موٽي آيو، جتي رات ترسندو ۽ آچر تي واپس ويندو.
مشهور خبرون










