بغاوت ڪيس: شهباز گل جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

بغاوت ڪيس: شهباز گل جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي عدالت بغاوت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالتن جي جج طاهر عباس شهباز گل خلاف بغاوت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران شهباز گل جو وڪيل مرتضيٰ طوري عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي جو جونيئر وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي جو چوڻ هو ته ڊيوٽي مئجسٽريٽ حڪم ڏنو هو ته حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو لاڳاپيل جج ٻڌائيندو، ان تي جونيئر پراسيڪيوٽر چيو ته ڊيوٽي جج اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي.جج طاهر عباس چيو ته اوهان جي وڏي مهرباني آهي، جج ٻڌڻ کانسواءِ حڪم ڪيئن ڏنو.عدالت ٻڌڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪندي شهباز گل جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.بعد ۾ عدالت استغاثه جي درخواست منظور ڪندي شهباز گل جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو