ڳڙهي ياسين (شفيق مهر) ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽو ۾ بروهي ۽ ڪاڪيپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ابراهيم ڪاڪيپوٽو ۽ خان محمد بروهي ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان ڪاڪيپوٽا ڌر جي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڳاهيجه لڳ ٽي شاخي وٽ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب بروهي برادري جا 2 ڄڻا امام علي بروهي ۽ غلام قادر بروهي ٿڏي تي مارجي ويا اطلاع تي ڳاهيجه پوليس ۽ بروهي برادري جا هٿيار بند واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش کڻائي مديجي اسپتال آندا جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. هوڏانهن ڪاڪيپوٽا برادري جي ماڻهن ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽه ۾ خوشي ۾ هوائي فائرئگ ڪئي وئي جنهن ڪري آسپاس جي علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويو.










