جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) صدر ٿاڻي جي حد ۾ فوجي ڦاٽڪ ڀرسان بروهي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌُرين هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. خوني جهيڙي جي نتيجي ۾ فوجي جوان ارشاد حسين ولد هيرالدين بروهي قتل ٿي ويو. جڏهن ته لٺيون لڳڻ سبب سندس ڀاءُ آصف علي بروهي زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع کانپوءِ پوليس پهچي وئي ۽ مقتول جو لاش توڙي زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار ڌُر زمين تي قبضي لاءِ پلاٽنگ ڪرڻ پئي گهري جنهن کان روڪڻ تي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته قتل کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا آهن. جوابدارن کي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.










