پڊعيدن (مجاهد شر) روڊ رستن تي برساتي پاڻي بيھڻ ۽ روڊ نه ٺھڻ خلاف دڪاندارن شفيق راڄپر، حاجن سولنگي، عمير راڄپر، ساجد ملڪ، عدنان ملڪ، پوڙھو ڊکڻ، نعمان مغل ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل 30 سالن کان پڊعيدن جلالجي چوڪ وارو روڊ نه ٺھيو آھي جنهن ڪري ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيئڻون پوي ٿو.

جڏهن به برسات ٿئي ٿي ته اسان جا دڪان پاڻي ھيٺ اچي وڃن ٿا چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ لاءِ اچي وڏا وڏا واعدا ڪندا رهيا پر پڊعيدن جي روڊن رستن جو حال جئين جو تئين آهي. احتجاج ڪندڙن حد جي ايم اين اي ذوالفقار بهڻ ۽ ايم پي اي ممتاز چانڊيو کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد کان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي جلالجي روڊ ٺھرائي ڏنو وڃي.










